ڪي اليڪٽرڪ جو بحريه ٽائون کي 500 ميگاواٽ اضافي بجلي ڏيڻ وارو عمل چئلينج

ڪراچي: ڪي اليڪٽرڪ طرفان بحريه ٽائون کي 500 ميگاواٽ اضافي بجلي مهيا ڪرڻ وارو عمل سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج، عدالت سنڌ سرڪار، وفاقي حڪومت، ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻين کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا، ڌُرين کان 15 جنوري تائين جواب طلب، درخواستگذار محمود اختر موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب شهرين جو جيئڻ عذاب ٿي ويو آهي، ڪي اليڪٽرڪ عوام کي رليف ڏيڻ بدران هڪ معاهدي تحت بحريه ٽائون کي اضافي بجلي مهيا ڪري رهي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ڪي اليڪٽرڪ ۽ بحريه ٽائون وچ ۾ ٿيل معاهدو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔