ن ليگ جا اسيمبلي ميمبر وزيراعظم ۽ وڏي وزير سان رابطي ۾ آهن: فردوس عاشق اعواڻ

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته(ن) ليگ جا اسيمبلي ميمبر وزيراعظم ۽ وڏي وزير سان رابطي ۾ آهن.

فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پي ڊي ايم جي ٻڏندڙ ٻيڙي مان ماڻهن ٽپا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان مصطفيٰ نواز جو استعيفيٰ پي ڊي ايم جي صفن ۾ پکڙجندڙ مايوسي جو آئينو آهي.

مريم نواز پي ڊي ايم جو ماچس هٿ ۾ جهلي پوري پاڪستان کي باهه ڏيڻ لاءِ نڪتي آهي هنن جي ٻڏندڙ ٻيڙي ۾ ڪوبه سوار نه ٿيندو. هنن جا پنهنجا ميمبر لڏندڙ ٻيڙي مان ٽپا ڏيندي وزيراعظم ۽ وڏي وزير سان رابطي ۾ آهن.

وڏي وزير جي مددگار چيو ته عمران خان عوامي اڳواڻ آهي. پاڪستاني ۾ سڀني کان وڏا سياسي جلسا ڪرڻ جو اعزاز عمران خان کي حاصل آهي.

هي يارنهن پارٽيون ملي به  تحريڪ انصاف جي جلسن جو رڪارڊ نٿيون ٽوڙي سگهن. تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي ايمانداري ۽ محنت سان عوام جي دلين تي حڪومت ڪندي آهي.

پي ڊي ايم کي جلسن جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، حڪومت  اوهان جي ناپاڪ ارادن کي قانون جي عملداري سان سان مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔