صوبائي وزير ناصر حسين شاهه به پنهنجي استعيفيٰ بلاول هائوس ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

ڪراچي:حڪومت مخالف اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) طرفان استعيفائون جمع ڪرائڻ جي هدايتن کان پوءِ ميمبرن طرفان استعيفائون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي.

مسلم ليگ(ن)، پيپلز پارٽي، جي يو آءِ ۽ بي اين پي جي ڪيترن ئي ميمبرن پنهنجون استعيفائون پارٽي اڳواڻن  وٽ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن. پ پ سنڌ جي اهم ميمبر ۽  اطلاعات واري وزير ناصر شاهه به پنهنجي استعيفيٰ پارٽي اڳواڻن ڏانهن موڪلي ڇڏي. 

ذريعن موجب ناصر شاهه پنهنجي استعيفيٰ  بلاول هائوس ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته استعيفيٰ کيسي ۾ رکي گهمندا آهيون جڏهن  پارٽي قيادت جو حڪم هوندو استعيفيٰ ڏئي ڇڏينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔