اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز پاران اپوزيشن کي رستو ڏيڻ جي آڇ

اسلام آباد: اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز اپوزيشن کي رستو ڏيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شٻلي فراز چيو ته اپوزيشن طرفان حڪومتي رابطين جون دعوائون ڪوڙيون آهن. اپوزيشن کي رستو گهرجي ته اهو به ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پر اين آر او کين ڪڏهن به ڏينداسين.

هن چيو ته حڪومت طرفان مخالف ڌر سان ڪوبهر ابطو ناهي ڪيو ويو.  ها پر  هنن جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز حڪومت سان رابطو ڪري رهيا آهن ته اسان کان زبردستي استعيفيٰ ورتا پيا وڃن.

شبلي فراز اپوزيشن تي تنقيد ڪندي وڌيڪ چيو ته عوام تي رحم ڪريو، پنهنجا جلسا ٻن ٽن مهينن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو. هي ته جلسا ڪري اڳيان وڌي رهيا آهن پر انهن شهرن ۾ ڪورونا جا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔