ٻيٽن تي وفاق جو قبضو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين: سنڌ حڪومت

ڪراچي: ٻيٽ سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهن، وفاق جو قبضو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ مرتضيٰ وهاب طرفان ٻيٽن تي فضائي دورو ڪيو ويو، صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن بابت سنڌ اسيمبلي فيصلو ڏئي چڪي، عوام جي مفاد جي ابتڙ وفاقي حڪومت جو ڪو به فيصلو قبول نه ڪنداسين، فضائي دوري دوران ٻيٽن تي ڪٿي به غير قانوني تعميراتي ڪم نظر نه آيو، ٻيٽن بابت رپورٽ وڏي وزير مراد علي شاهه کي پيش ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔