حڪومت ڊاهڻ لاءِ سنڌ حڪومت جِي قرباني وارو ڪيس سي اِي سي آڏو رکندس: بلاول ڀٽو

لاهور: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جون مريم نواز سان گڏجي ميڊيا سان ڳالهيندي چيو آهي ته لاهور ۾ تاريخي جلسو ٿيندو حڪومت کي ڊاهڻ لاءِ سنڌ حڪومت جِي قرباني ڏيڻ وارو ڪيس پارٽي جِي سي اِي سي آڏو رکندس، ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو لانگ مارچ ڪنداسين. بلاول چيو ته حڪومت ۽ سهولتڪارن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو: ، پي ڊي ايم جا پلان اڳتي وڌڻ سان حڪومت جِي پريشاني واضح نظر اچي رهي آهي، پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتون اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ نه ڏينديون، جنهن مان ڪو ٻيو فائدو وٺَي، مريم نواز چيو ته حڪومتي وزيرن اسان سان رابطو ڪيو آهي پر اسان کين ڪو به جواب ناهي ڏنو، عمران خان کي اين آر او نه ڏينداسين، نواز شريف ۽ پي ڊي ايم سان مقابلي جِي دعويٰ ڪندڙ اڄ ڳالهين لاءِ تيار آهن، مريم نواز چيو ته، لڳي ٿو ته حڪومت جو مقابلو پي ڊي ايم سان نه پر ڊي جَي بَٽ ۽ ڊيڪوريشن وارن سان آهي، جاتي امراءَ ۾ ملاقات دوران بلاول ڀٽو مريم نواز سان سندس ڏاڏِي جَي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، ملاقات دوران لاهور جلسي سميت حڪومت مخالف تحريڪ تي خيالن جِي ڏي وٺ ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔