ست سالن جي ڄمار ۾ اسي ڪلو وزن کڻندڙ دنيا جي مضبوط نينگري

80 ڪلو گرام وزن کڻندڙ 7 سالن جي مضبوط روري وين هن وقت تائين ڪيترائي رڪارڊ قائم ڪري چڪي آهي.
ويٽ لفٽنگ جي عشق ۾ گرفتار 7 سالن جي ”روري وين“ پنهنجي پنجين سالگرهه کان ئي ويٽ لفٽنگ شروع ڪئي هئي جنهن کانپوءِ سندس والد ٻارڙي جي شوق کي پورو ڪرڻ لاءِ هن جي باقاعده ويٽ لفٽنگ جي ٽريننگ ڪرائي،، روري ننڍڙي عمر ۾ ايترو وزن کڻڻ جي قابل ٿي وئي جو عام طور تي هڪ نوجوان جم ۾ مشڪل سان کڻي سگهي.
صرف 4 فوٽ ڊگهي ڇوڪري روري وين 7 سالن جي عمر ۾ 80 ڪلو گرام ڊيڊ لفٽنگ ڪري سگهي ٿي( هي وزن عام طور تي اولمپڪس ۾ عورتن لاءَ مختص هوندو آهي) جڏهن ته 7 سالن جي ٻارڙي 61 ڪلو گرام سان اسڪواٽ، 42 ڪلو گرام سان جرڪ ۽ 32 ڪلو گرام سان سنيچ پوزيشن جي ايڪسرسائز ڪري سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔