ٻيٽن بابت ماحولياتي ۽ ماسٽر پلان اسٽڊيز جنوري کان شروع ڪنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻيٽن تي منصوبن جَي حوالي سان ماحولياتي ۽ ماسٽر پلان جِي اسٽڊيز جِي شروعات جنوري کان ڪئي ويندي، اين جي اوز سان گڏجي مهاڻن جَي روزگار ۽ سامونڊي جِيوَت جَي تحفظ لاءِ هڪ پروگرام جوڙيو پيو وڃي. وزيراعظم عمران خان جِي صدارت ۾ پاڪستان آئلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ جَي ورڪنگ گروپ جو اجلاس ٿيو، اجلاس دوران لاڳاپيل اختيارين بريفنگ ڏني.اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شبلي فراز، علي زيدي، چيئرمين آئلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي عمران امين ۽ ٻين جِي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان کي چيني حڪومت ۽ ڪمپنين طرفان منصوبي ۾ 3 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جي باري ۾ اگاهه ڪيو ويو ، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو قرض شامل نه هوندو. وزيراعظم کي اين جي سي سي طرفان 5 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. عمران خان چيو ته ٻيٽن تي منصوبن جَي حوالي سان ماحولياتي ۽ ماسٽر پلان جِي اسٽڊيز جِي شروعات جنوري کان ڪئي ويندي، اين جي اوز سان گڏجي مهاڻن جَي روزگار ۽ سامونڊي جِيوَت جَي تحفظ لاءِ هڪ پروگرام جوڙيو پيو وڃي. وزيراعظم سنڌ جَي بُنڊاڙ ٻيٽ تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي زور ڀريو ته اِن منصوبي جِي ڪاميابي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ وٺي ڪم ڪيو ويندو. هن چيو ته راوي اربن منصوبي سان لاهور جا وڌنڌڙ مسئلا حل ٿي ويندا، ان منصوبي سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. واضح رهي ته سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف سنڌ جو عوام ۽ سنڌ حڪومت مسلسل مخالفت ڪري رهي آهي ، تنهن باوجود به وفاق سنڌ جي ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ واري هوڏ تي قائم آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔