صوبائي صلاحڪار اعجاز شاهه شيرازي جي مڪلي ۾ تدفين

ٺٽو: پ پ اڳواڻ ۽ صوبائي صلاحڪار سيد اعجازعلي شاھ شيرازي ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي، اعجاز شاهه شيرازي ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ ڪجهه عرصي کان داخل هو، اعجاز شاهه شيرازي 1985ع ۾ ايم پي اي چونڊيو ويو، اعجاز شاهه شيرازي 1984ع ۾ سياسي سفر شروع ڪيو، اعجاز شاھ شيرازي 6 ڀيرا سنڌ اسمبلي جو ميمبر رھيو ھن وقت وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاھ جو صلاحڪار ھو، اعجاز شاهه شيرازي جي لاڏاڻي تي ٺٽي، سجاول، ميرپورساڪرو ۽ ٻين آسپاس جي علائقن ۾ ڏک جي لهر پيدا ٿي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اعجاز شاهه شيرازي آغا خان اسپتال ۾ ڪورونا سبب داخل هو، هُن ڪورونا کي شڪست ڏني هئي.جڏهن ته صوبائي صلاحڪار سيد اعجاز علي شاهه شيرازي جو مڙهه ڪراچي کان ٺٽو منتقل ڪيو ويو، صوبائي صلاحڪار جو مڙهه سندس شيرازي پاڙي ۾ سندس گهر آندو ويو، سوڳ وارو ماحول ڇانيل، سيد اعجاز علي شاهه شيرازي جي شيرازي هائوس ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، وڏي انگ ۾ ماڻهو پهتا، مرحوم جو جسد خاڪي مڪلي ۾ درگاهه شاهه مراد شاهه شيرازي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔