ڀلي 370 ميمبر گرفتار ڪيو، پوءِ به لاهور جلسو ٿيندو: قمر الزمان ڪائره

لاهور: پيپلزپارٽي جي اڳواڻ قمرالزمان ڪائره جو چوڻ آهي ته حڪومت اپوزيشن جي استعيفائن واري فيصلي سب لُڏي وئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ قمرالزمان ڪائره چيو آهي ته حڪومت 370 بجاءِ اپوزيشن جي سمورن ميمبرن کي به گرفتار ڪري پر پوءِ به لاهور جو جلسو ضرور ٿيندو ڇو ته حڪمران ڄاڻن ٿا ته لاهور جي جلسي کانپوءِ هنن جي بچيل ساک به ختم ٿي ويندي.هن چيو ته سرگرم ڪارڪنن جي گهرن تي پوليس چڪر هڻي رهي آهي پر اسان گهٻرائڻ وارن مان ناهيون، لاهور جي ڪيترن ئي عهديدارن کي پوليس طرفان ڌمڪي وارا فون اچي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔