لاهور جلسي لاءِ ريلي، عمران خان هٿ ٻڌي اين آر او گهري پيو: مريم نواز

لاهور: لاهور ۾ پي ڊي ايم جلسي جي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي اڳواڻي ۾ زبردست ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ نواز ليگ ۽ اتحادي پارٽين جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مريم نواز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان هٿ ٻڌي پي ڊي ايم ۽ نواز ليگ کان اين آر او گهُري رهيو آهي، نواز شريف جو مقابلو عمران خان سان ناهي پر ان جي آڻڻ وارن سان آهي، ن ليگ جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي استعيفائن لاءِ ڪنهن کي به ناهي چيو استعيفائن جا ڍير لڳي ويا آهن، هن چيو ته ڊي جي بٽ پي ٽي آءِ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، ان سان دوکو ٿيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔