بلاول ڀٽو پارٽي اڳواڻن کي استعيفائن تي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد: پ پ پ جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن کي استعيفائن تي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني نيب ريفرنس ۾ احتساب عدالت ۾ پيشي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين حڪومت مخالف پارٽين جي اڳواڻن جي سرعام چيو آهي ته پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ جي فيصلن تي هر صورت ۾ عمل ڪيو ويندو، پارٽي جا فيصلا جڏهن ٿيندا آهن ته پوري پارٽي جي لاءِ هوندا آهن، استعيفائن جي معاملي تي پارٽي اڳواڻ ٽي وي چينلز تي ڳالهائي رهيا هئا انهن کي بلاول ڀٽو زرداري روڪيو آهي، يوسف رضا گيلاني جو وڌيڪ چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري اڳواڻن کي چيو آهي ته اوهان پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي اجلاس تائين انتظار ڪيو ۽ اهي سي اي سي جي گڏجاڻي تائين پارٽي کي اعتماد ۾ ورتو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔