قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس: بينچ جي جوڙجڪ بابت فيصلو محفوظ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس تي فيصلي بابت نظرثاني واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت پاران بينچ جي جوڙجڪ بابت فيصلو محفوظ ڪيو ويو، جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته سمورين ڌرين جا موقف ٻڌڻ کانپوءِ مناسب وقت تي فيصلو ٻڌايو ويندو، 6 رڪني بينچ طرفان ٻڌڻي دوران سيرينا عيسيٰ چيو ته معذرت سان چوان ٿي ته هن ڪيس ۾ چيف جسٽس ڌر آهي، ڪيس ۾ آئون مرڪزي ڌر نه هيس، ڪيس جو مواد مهيا ڪيو وڃي، سيرينا عيسيٰ گذريل ٻڌڻي واري بيان تي عدالت سڳوري کان معذرت ڪندي چيو ته گذريل ٻڌڻي دوران منهنجي بيان تي جج جي دل آزاري ٿي آهي ته معذرت ڪيان ٿي، جسٽس عطا بنديال چيو ته اوهان درخواست ڏيو، ٽرانسڪرپٽ مهيا ڪيو ويندو، عدالت طرفان لطيف آفريدي کي ايندڙ ٻڌڻي تي لکت ۾ دليل جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو، جنهن کان پوءِ عدالت طرفان اڻ ڄاڻايل مدي تائين ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔