وزيراعظم صحيح ٿو چوي هتي 2 پاڪستان آهن: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چوڻ آهي ته وزير اعظم صحيح ٿو چوي ته ٻه پاڪستان آهن، هڪ امير ۽ طاقتور لاءِ ۽ ٻيو غريب جي لاءِ.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايراضي ايڪوائر ٿيڻ تي متاثرن کي معاوضن جي عدم ادائيگي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته اسلام آباد ۾ جن ماڻهن کان ابن ڏاڏن جون زمينون کسيون ويون اُهي معاوضي لاءِ ڌڪا کائي رهيا آهن، وفاقي راڄڌاني ۾ اشرافيه جو قبضو آهي ۽ غريب کي ايراضي جو معاوضو به نٿو ملي.عدالت سي ڊي اي متاثرن کي معاوضن جي عدم ادائيگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سي ڊي اي کي شرم مان ٻڏي مرڻ گهرجي، وزير اعظم صحيح ٿو چوي ته ٻه پاڪستان آهن، هڪ پاڪستان امير ۽ طاقتور لاءِ ۽ ٻيو غريب لاءِ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔