دنيا ۾ ڪورونا جي پهرين ويڪسين 90 سالن جي عورت کي لڳائي وئي

لنڊن: دنيا ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس جي پهرين ويڪسين 90 سالن جي عورت کي لڳائي وئي

برطانيا ۾ اڄ کان ڪورونا ويڪسي نيشن پروگرام جي شروعات ڪئي وئي آهي جنهن تحت دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي پهرين ويڪسين 90 سالن جي عورت کي لڳائي وئي آهي .

برطانوي ميڊيا موجب ڪورونا وائرس جي پهرين ويڪسين اتر آئر لينڊ جي 90 سالن جي عورت مارگريٽ ڪينان کي لڳائي وئي آهي .

مارگريٽ ڪينان کي فائزر ۽ بايو اين ٽيڪ جي ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي آهي .

ياد رهي ته آمريڪا ۽ جرمن دوا ساز ڪمپنين دعوا ڪئي آهي ته ڪورونا ويڪسين ڪنهن به نقصان کان بنا 95 سيڪڙو موثر آهي جڏهن ته برطانيا گذريل هفتي ويڪسين جي وسيع پيماني تي استعمال جي اجازت ڏني هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔