لاهور 13 ڊسمبر تي رٿيل جلسو هر حال ۾ مينار پاڪستان تي ٿيندو: پي ڊي ايم

لاهور: پي ڊي ايم جي اعلان کان اڳ ئي اپوزيشن ميمبرز طرفان استعيفيٰ ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو، سرگوڌا مان چونڊيل نواز ليگ ايم اين اي حامد حميد استعيفيٰ پيش ڪري ڇڏي، لاهور ۾ پي ڊي ايم جي اجلاس دوران 13 ڊسمبر واري جلسي لاءِ حڪمتي عملي جوڙي وئي، اجلاس بعد راڻا ثناءُ الله، قمر زمان ڪائره ۽ ٻين پي ڊي ايم اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حڪومتي رڪاوٽن باوجود مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو لازمي ڪيو ويندو، پنجاب سوڌو سموري ملڪ جا ماڻهو جلسي ۾ شرڪت ڪري پي ٽي آءِ حڪومت مٿان بي اعتمادي جو اظهار ڪندا، ٽڪراءُ جي صورت ۾ نقصان ٿيو ته ذميوار عمران خان هوندو، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران پي ڊي ايم اڳواڻن چيو ته اسيمبليز تان استيعفيٰ جو فيصلو پي ڊي ايم جي قيادت ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔