وزير اعظم جي 15 خاص مددگارن جي مقررين خلاف درخواست رد

اسلام آباد: هاءِ ڪورٽ وزير اعظم عمران خان جي 15 خاص مددگارن جي مقررين خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت 9 سيپٽمبر کي ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪيو هو. درخواستگذار خاص مددگارن جي مقرريون چيلينج ڪيون هيون جنهن ۾ فردوس عاشق اعواڻ، زلفي بخاري، مرزا شهزاد اڪبر، يوسف بيگ، مرزا نديم افضل چن، ڊاڪٽر ظفر مرزا، ڊاڪٽر معيد يوسف، نديم بابر ۽ ثانيه نشتر شامل هو. ان ڪيس ۾ درخواست گذار اپيل ڪئي هئي ته وزير اعظم جي خاص مددگارن کي وفاقي وزير ۽ مملڪتي وزير جو درجو غير قانوني ڏنو وڃي، ان حوالي سان وزير اعظم ۽ ڪابينا ڊويزن جي قدمن کي قرار ڏنو وڃي ۽ نيب کي ڌرين جي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔