نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جي جوڙجڪ غير قانوني قرار

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪابينا جي خانگائڻ واري ڪميٽي جوڙجڪ ۽ ان ۾ صلاحڪارن جي شموليت کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو. هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ وڏو فيصلو ٻڌائيندي ڪابينا جي نجڪا واري ڪميٽي جي جوڙجڪ کي غير قانوني قرار ڏيندي فيصلو ڏنو ته ناڻي وارو صلاحڪار حفيظ شيخ به ڪميٽي جو ميمبر نٿو ٿي سگهي. عدالت ڪابينا ڪميٽي جي جوڙجڪ خلاف مسلم ليگ ن جي درخواست منظور ڪندي ڪميٽي ۾ ڪامرس واري صلاحڪار، سيڙپڪاري ۽ اداراجاتي اصلاحات واري صلاحڪار جي به شموليت غير قانوني قرار ڏئي ڇڏي. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ محسن شاهنواز رانجها درخواست داخل ڪئي هئي جنهن ۾ وزير اعظم جي 3 صلاحڪارن جي نجڪاري واري ڪميٽي (اي اي او پي) جي ميمبرن جي حيثيت ۾ مقرري جي جوڙجڪ غير قانوين قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي هئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته رڳو چونڊيل نمائندن کي ملڪ تي حڪومت ڪرڻ جو حق آهي، اڻ چونڊيل ماڻهو جيڪي ته نه پارليامينٽ جا ميمبر آهن ۽ نه هنن آئين جي تحت حلف کنيو هجي اُهي ڪابينا ۽ ان جي ڪميٽي جو حصو نٿا بڻجي سگهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔