عورت سان اجتماعي لڄالٽ ڪندڙ 3 جوابدارن کي موت جي سزا

گلگت: دهشتگردي ٽوڙ عدالت عورت سان اجتماعي زيادتي جي ٽن جوابدارن کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽنهي جوابدارن کي موت جي سزا سان گڏوگڏ 10-10 لک رپيا ڏنڊ به مڙهيو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ٽنهي جوابدارن متاثر عورت کي 7 مهينن تائين زيادتي جو نشانو بڻايو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت موجب اجتماعي زيادتي ڪيس جو روز جي بنياد تي ٽرائل ٿيو ۽ هڪ مهيني جي مختصر مدي ۾ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو. سزا ماڻيندڙ ٽنهي جوابدارن جو واسطو بلتستان جي علائقي اروندو شگر سان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔