برطانيا ۽ جرمني ۾ به عوام کي ڪورونا ويڪسين جي فراهمي جون تياريون شروع

برلن : جرمن چانسلر انجيلا ميرڪل جي چيف آف اسٽاف هيلگي برائون چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪووڊ 19 جي ويڪسينيشن جو عمل جنوري جي مُنڍ ۾ شروع ڪيو ويندو.
هيلگي برائون موجب ڊاڪٽر طور مان پاڻ ان عمل جي نگراني ڪندس.
يورپي يونين جون اختياريون ان ويڪسين جي حتمي منظوري لاءِ امڪاني طور 31 ڊسمبر تي فيصلو ڪنديون.
جرمني ۾ عوام کي ويڪسين جي فراهمي لاءِ خاص سينٽر قائم ڪرڻ جو سلسلو به شروع ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن برطانيا ۾ به اڱاري کان عوام کي ويڪسين ڏيڻ جي مهم شروع ٿي رهي آهي.
عوامي سطح تي ان ويڪسين جي حوالي سان خدشن سبب برطانوي حڪومت ماڻهن ۾ ان جي فائدن ۽ درستگي بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهي.
محققن جو چوڻ آهي ته اها ويڪسين 95 سيڪڙو تائين ڪارآمد آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔