اسرائيل ۽ گڏيل عرب امارتن جي ميڊيا هائوسز ۾ سهڪار جو معاهدو

اسرائيلي براڊ ڪاسٽر i24NEWS ۽ گڏيل عرب امارتن جي ميڊيا گروپ ”ابو ظهبي ميڊيا“ سهڪار جي هڪ معاهدي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي.
ائين اهي ٻئي پنهنجو مواد هڪٻئي جي چئنلن تي هلائڻ جا مجاز ٿي ويندا ۽ اهم معاملن تي اهي ٻنهي پارٽنر گروپ گڏيل رپورٽنگ به ڪندا.
ان ميڊيا گروپ جي سربراهن اهڙي سهڪار کي اسرائيل ۽ وچ اوڀر ۾ بهتر لاڳاپن جي ضمانت سان تعبير ڪيو آهي.
واضح رهي ته گڏيل عرب امارتن تازو اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔