نيوزيلينڊ ۾ پاڪستاني اسڪواڊ جون سموريون ٽيسٽون ڪليئر، ٽريننگ جي تياري

ڪرائسٽ چرچ :نيوزيلينڊ ۾ پاڪستاني اسڪواڊ جون سموريون ڪورونا ٽيسٽون ڪليئر ٿي ويون، جنهن کانپوءِ قومي اسڪواڊ کي مينجنڊ آئسوليشن ڇڏڻ جي اجازت ملي وئي آهي.
پاڪستاني اسڪواڊ جي ٻارهين ڏينهن ڪورونا ٽيسٽ ٿي هئي، جنهن ۾ 44 ميمبرن جي ڪورونا ٽيسٽنگ ڪئي وئي.
پي سي بي موجب پاڪستاني اسڪواڊ جي ٽيسٽ ڪليئر ٿيڻ کانپوءِ انهن کي مينجڊ آئسوليشن ڇڏڻ جي اجازت ملي وئي آهي، جنهن کانپوءِ اسڪواڊ ۾ شامل 51 ميمبر ڪرائسٽ چرچ جي مينجڊ آئسوليشن ڇڏي ڏيندا، جڏهن ته پهرين مرحلي ۾ ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري ايندڙ ميمبرن کي به مينجڊ آئسوليشن ڇڏڻ جي اجازت آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته ڇهين ۽ نائين ڏينهن ڪورونا ڪيس رپورٽ ٿيڻ 2 ميمبر آئسوليشن پوري ڪندا ۽ اهي ٻئي ميمبر آئسوليشن جو مدو مڪمل ڪري ڪوئنز ٽائون ۾ اسڪواڊ جوائن ڪندا.
بورڊ موجب قومي اسڪواڊ سڀاڻي آئسوليشن ڇڏي ويجهي هوٽل پهچي ويندو، جڏهن ته آئسوليشن ڇڏڻ کانپوءِ اسڪواڊ تي ڪورونا ايس او پيز لاڳو نه هونديون.
پي سي بي اختيارين چيو آهي ته قومي اسڪواڊ جو آخري هيلٿ چيڪ اپ ٿيندو، جنهن کانپوءِ اسڪواڊ جا 51 ميمبر سڀاڻي ڪونئز ٽائون روانا ٿيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔