اسٽيل ملز جي ساڍا 4 هزار ملازمن جي برطرفي وارو فيصلو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

ڪراچي : اسٽيل ملز جي ساڍا 4 هزار ملازمن جي برطرفي وارو فيصلو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو.  برطرف ملازمن درخواست ۾ وفاقي سرڪار، اسٽيل ملز انتظاميا ۽ ٻين کي ڌُر بڻايو.  ملازمن جي برطرفي غيرقانوني قرار ڏيڻ ۽ اسٽيل ملز جي زمين بابت جاچ جو حڪم ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي. صوبائي وزير سعيد غني اسٽيل ملز جي برطرف ملازمن جي وفد سان ملاقات دوران چيو ته سنڌ سرڪار اسٽيل ملز جي ملازمن سان گڏ آهي، ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ جلد هڪ ڪميٽي جوڙي ويندي، وفاقي سرڪار آڏو به ملازمن جا پيش ڪيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔