شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پيرول تي آزادي جو اڄ آخري ڏينهن

لاهور: قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزه شهباز جي پيرول تي آزادي جو مدو اڄ ختم ٿي رهيو آهي.

گذريل ڏينهن پنجاب حڪومت ٻنهي(ن) ليگي اڳواڻن جي پيرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪئي هئي. ٻنهي اڳواڻن کي شام 4 وڳي کان اڳ جيل واپس آندو ويندو. مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جو پيرول  ڪالهه اڍائي وڳي ختم ٿي رهيو هو پر پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پيرول ۾ واڌ تي صلاح مشورو ڪيو ويو.

پنجاب جي وڏي وزير اجلاس جي دوران ٻنهي(ن) ليگي اڳواڻن جي پيرول ۾ واڌ جي منظوري ڏني. پنجاب جي قانون واري وزير راجه بشارت جو چوڻ هو ته پيرول ۾ واڌ انساني همدردي جي بنياد تي ڪئي وئي آهي.

پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سماجي رابطي جي ويب سائٽ تي ٽوئٽ ڪندي چيو ته  پنجاب حڪومت وڏي وزير عثمان بزدار جي هدايت تي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي درخواست تي ايندڙ 24 ڪلاڪن جي پيرول ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔