پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم مير ظفر الله خان جمالي لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي : پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم مير ظفر الله خان جمالي لاڏاڻو ڪري ويو. گذريل ڏينهن مير ظفرالله جمالي کي دل جو دورو پوڻ سبب راولپنڊي جي اي ايف آءِ اسپتال داخل ڪيو ويو هو. خانداني ذريعن موجب مير ظفرالله جمالي جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو هو. ياد رهي ته مير ظفر الله جمالي پاڪستان جو 15هون وزيراعظم هو، مير ظفرالله جمالي پهرين جنوري 1944ع ۾ بلوچستان جي ضلعي نصيرآباد جي ڳوٺ روجهان جمالي ۾ ڄائو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔