لاهور هاءِ ڪورٽ نيب کي چوڌري ڀائرن جو مڪمل رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ ڊي جي نيب کي چوڌري ڀائرن جي ڪيسن جو مڪمل رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چوڌري ڀائرن کي نيب اختيارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. مڪمل تياري  سان پيش نه ٿيڻ تي عدالت ڊي جي نيب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته چوڌري ڀائرن جي ڪيسن جو مڪمل رڪارڊ پيش ڪيو وڃي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته جڏهن 2017 ۾ ڪيس  کي هلايو ويو هو ته ان ته هي  ڪيس ڪهڙي اسٽيج تي هو؟

ڊي جي نيب شهزاد سليم عدالت کي جواب ڏنو ته هي ڪيس انويسٽيگيشن اسٽيج تي هو.  عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇوڌري ڀائرن جي خلاف ڪيس ايترا سال التوا ۾ ڇو رکيو ويو؟ جنهن تي شهزاد سليم جواب ڏنو ته ڪيس کي جاچ آفيسر نجم عباس بند ڪرڻ جي لاءِ موڪليو هو.

  صحيح عدالتي معاونت نه ڪرڻ تي عدالت ڊي جي نيب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت چيو ته اوهان جي پويان بيٺل  نيب آفيسر اوهان کي لقما ڏئي رهيا آهن جيڪڏهن اوهان ڊي جي نيب کي ڪجهه ٻڌايو ته ٻنهي کي ٻاهر ڪڍي ڇڏينداسين.

عدالت نيب تي ڪاواڙ جو اطهار ڪندي چيو ته خبر پئي آهي ته ڊي جي نيب اوهان کي چئي ٿو ته ڪيس هلي رهيو آهي. عدالت ڊي جي نيب کان پڇاڻو ڪندي چيو ته اوهان جي پرفارمنس بهتر ناهي. جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي 17 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔