سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو

اسلام آباد : بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو، موسمياتي تبديلي واري وزارت جو سيڪريٽري طلب، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد ڊي جي ماحوليات سان مخاطب ٿيندي چيو ته بني گالا ۾ پنهنجي گهر اندر وڻ لڳايا هوندا، اسلام آباد کان ڪراچي تائين درياهن جي ڪنارن تي ڪٿي به وڻ نه آهن، پنجاب سرڪار کي به توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪريون ٿا، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪي پي ۾ ٻيلي کاتي جو سمورو عملو چور آهي، ناران ڪاغان ته ڪچرو بڻجي ويو آهي، نٿيا گلي، مالم جبا ۽ مرِي ۾ ڪٿي به وڻ نه آهن، سپريم ڪورٽ ڪوئيٽا ۾ مُردار پهاڙي تي وڻ پوکڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته بلوچستان ۾ پهاڙن کي به مُردار بڻايو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔