لاهور جي احتساب عدالت رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظورڪري ورتي

لاهور : لاهور جي احتساب عدالت رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي، ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته صبح جي وقت تعزيت لاءِ ڪير به ناهي ايندو، جنازو ٿي ويو ۽ قُل به ٿي ويا، جوابدار کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ گهرجي ها، ڪيس تي ٻڌڻي 7 ڊسمبر تائين ملتوي، نواز ليگ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ واڌ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي، پنجاب جي گهرو کاتي ۾ جمع ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته بيگم شميم اختر جي لاڏاڻي تي ماڻهو شهباز شريف ۽ حمزه شهباز سان تعزيت لاءِ اچي رهيا آهن، سندن پرول تي آزادي ۾ واڌ ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔