خرابي باوجود جهاز اڏايو ويو، ٻڌايو وڃي ته ذميوار ڪير آهي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حويليان جهاز حادثي جي جاچ بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران پي آءِ اي کان پڇاڻو

ڪراچي : خرابي باوجود جهاز اڏايو ويو، ٻڌايو وڃي ته ذميوار ڪير آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حويليان جهاز حادثي جي جاچ بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران پي آءِ اي کان پڇاڻوڪيو ويو، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته ٻڌايو وڃي جهازن کي ڪيئن چيڪ ڪرڻ بعد اُڏائڻ جي اجازت ڏني ويندي آهي، هڪ هڪ شئي بابت عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي، ماڻهو پئسن تي ٽڪيٽ خريد ڪن ٿا، مسافر محفوظ نه هجن ته ڪهڙو فائدو؟ ٻڌڻي دوران حويليان جهاز حادثي ۾ فوت ٿيل ڪپتان جو والد روئي ويٺو، ڪپتان جي والد ٻڌڻي دوران چيو ته سندس پُٽ هڪ ڏينهن ۾ 3-3 جهاز اُڏائيندو هو، واقعي واري ڏينهن زوري کيس فلائيٽ ۾ اُماڻيو ويو، جنهن سبب پُٽ شديد دٻاءُ ۾ هو، عدالت سول ايويئيشن اٿارٽي کان جواب طلب ڪري ورتو، ٻڌڻي 17 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي،

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔