بختاور ڀٽو زرداري پنهنجي مڱڻي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي

ڪراچي: اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ بينظير ڀٽو جي ڌيءَ بختاور ڀٽو پنهنجي مڱڻي جي مختصر وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي آهي.

27 نومبر تي پرڏيهي واپاري مير محمود چوڌري سان مڱڻي جي رشتي ۾ ٻڌجي ويل بلاول ڀٽو جي ڀيڻ بختاور ڀٽو زرداري پنهنجي مڱڻي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي آهي وڊيو جي ڪيپشن ۾ هن بسم الله الرحمان الرحيم لکيو آهي. تقريبن 30 سيڪنڊن جي مختصر وڊيو ۾ بختاور مڱڻي جي تقريب لاءِ پنهنجي پيءُ آصف زرداري سان گڏ ايندي نظر اچي رهي آهي.

ان موقعي تي بختاور ۽ ان جو پيءُ تمام گهڻو خوش نظر اچي رهيو آهي. جڏهن ته وڊيو ۾ بختاور ۽ ان جو مڱيتر محمود چوڌري به خوشگوار موڊ ۾ نظر اچي رهيو آهي. بختاور ڀٽو جي مڱڻي دبئي سان تعلق رکندڙ  واپاري محمود چوڌري سان ٿي آهي.

بختاور پنهنجي مڱڻي جي خبر سوشل ميڊيا تي پاڻ ڏني هئي ۽ مڱڻي جي ڏينهن هن پنهنجي ٿيندڙ مڙس سان گڏ تصوير شيئر ڪندي ان جو تعارف ڪرائيندي چيو هو ته هي آهي اصل محمود چوڌري.

واضح رهي ته بختاور جي مڱڻي جي تقريب ڪراچي ۾ بلاول هائوس ۾ منعقد ٿي هئي جنهن ۾ ان جي ننڍي ڀيڻ آصفه ڀٽو زرداري، آصف زرداري جي ويجهي دوست ڊاڪٽر عاصم سميت ڪيترن ئي ملڪي ۽ پرڏيهي مهمانن شرڪت ڪئي هئي. پر بلاول ڀٽو ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هجڻ سبب پنهنجي ڀيڻ جي مڱڻي ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔