نيب جو اڳوڻو ڊپٽي چيئرمين حسن وسيم افضل ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور: قومي احتساب بيورو(نيب) جو اڳوڻو ڊپٽي چيئرمين ۽ سينئر بيورو ڪريٽ حسن وسيم افضل عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب حياتي وڃائي ويٺو.

مرحوم حسن وسيم جي گهر واري موجب حسن وسيم افضل کي ڪورونا سبب 5 ڏينهن اڳ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو جتي سندس حالت خراب ٿيڻ تي کيس وينٽي ليٽر تي رکيو ويو هو.

مرحوم حسن وسيم افضل  گهرو سيڪريٽري، پرنسپل سيڪريٽري، گورنر۽ وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۾ اهم عهدن تي مقرر رهي چڪو هو.

حسن وسيم افضل آصف زرداري، بينظير ڀٽو ۽ نوازشريف جي پرڏيهي اثاثن جي جاچ به ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔