ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا تيزي سان وڌڻ لڳو، ٻه نوان ڪيس ظاهر

ٽنڊو محمد خان : ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا وائرس جو مرض خطرناڪ صورتحال ۾ تبديل، 2 نوان ڪيس ظاهر، 71 مريض پنهنجي گهرن جي اندر آئسوليٽ ٿيل.
خبر موجب ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا وائرس جي وبا تيزي سان ڦهلجڻ ڪري علائقي ۾ صورتحال خطرناڪ بڻجي ويئي آهي، صحت کاتي جي طرفان نئين ٽيسٽن ڪرائڻ جو سلسلو گهٽايو ويو آهي.
ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ۾ سون جي تعداد ۾ ٽيسٽون ڪرائڻ بجاءِ هر روز 15 کان 25 جي انگ ۾ گهٽ ٽيسٽن ڪرائڻ جو سلسلو روز جو معمول بڻايو ويو آهي، هڪ هفتي جي مجموعي رپورٽ ۾ 55 ڄڻن جي ٽيسٽ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾صرف 2 نوان ڪيس ڄاڻايا ويا آهن.
ٻئي طرف ٽنڊو محمد خان جي خانگي اسپتالن ۾ مريض پنهنجي ذاتي خرچ سان داخل ٿيل آهن جن جو تعداد صحت کاتي جي انگ اکرن کان الڳ آهي، ساڳي صورتحال ۾ صحت کاتي نون مريضن جي انگ اکر ۽ سنڌ سرڪار جي صحت کاتي جي انگ اکرن ۾ فرق رکيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔