گهر ويٺي ڪمائڻ لاء گوگل پاران نئين ايپ تيار..

ڪراچي :جيڪڏهن اوهان گهر ويٺي ڪم ڪري ڪمائڻ چاهيو ٿا ته ۽ اهو به گوگل جهڙي وڏي ڪمپني وٽان ته هاڻياهو بهترين موقعو لاءِ دستياب آهي. گوگل طرفان هڪ نئين ايپ ٽاسڪ ميٽ متعاف ڪرائي وئي آهي جنهن سان ماڻهو عام ڪم جيئن دڪانن جي سامهون تصويرون ڪڍي يا مختصر وڊيو ڪلپس ذريعي پيسا ڪمائي سگهن ٿا. هن وقت هي ايپ رڳو ڀارت ۾ صارفين لاءِ لائيو آهي ۽ هن جو حصو بڻجڻ جي لاءِ انويٽيشن ڪوڊ گهربل هوندو. جنهن کانپوءِ ٽاسڪس تي ڪم ٿيندو. ان کان اڳ ايپ گوگل اپينين ريورڊرز به پيش ڪئي وئي هئي جنهن ۾ گوگل جي شين يا اهڙن ماڳن بابت سوال پڇيا ويندا هئا جتي هو وڃي چڪا هجن جنهن لاءِ پلي اسٽور تي ڪريڊٽ فراهم ڪيو ويندو هو. هن نئين ايپ ۾ ڪريدٽ بدران اصل رقم ادا ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔