اسان کي پنهنجن فلمن ۽ ڊرامن جون ڪهاڻيون تبديل ڪرڻيون پونديون

ڪراچي: عالمي شهرت رکندڙ اداڪاره ماهره خان جو چوڻ آهي ته معاشري جي سوچ کي تبديل ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجن فلمن ۽ ڊرامن ۾ ڏيکاريون ويندڙ ڪهاڻين کي تبديل ڪرڻو پوندو.
پاڪستان جي مشهور اداڪاره ماهره خان بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي جنسي تشدد بابت چيو آهي ته ان تشدد خلاف ڪيترائي آواز بلند ٿيندا آهن، ماڻهو رستن تي ايندا آهن پوءِ وري ساڳيو وساريو ويندو آهي، ان کانپوءِ وري ڪا ٻي خبر ايندي آهي پوءِ ساڳيو ڪجهه ٿيندو آهي، پر اسان پنهنجي عوام کي تربيت ڏيڻ لاءِ تيار ناهيون، اسان کي اهڙا پروگرام ٺاهڻ گهرجن جنهن سان ٻارن جي تربيت ٿئي پر ان جي باري ۾ اسان ڳالهائڻ جي لاءِ به تيار ناهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔