آمريڪي رياست اوبائيو جي يونيورسٽي ۾ ڪتي کي رضاڪار جي نوڪري ڏني وئي

نيويارڪ: آمريڪي رياست اوبائيو جي يونيورسٽي ڪتي کي نوڪري ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽ موجب ڪتي جو نالو شيلوه آهي ۽ ان کي اسپتال ۾ رضاڪار جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي.يونيورسٽي انتظاميه ٻڌايو آهي ته ڪتي کي اسٽار پروگرام تحت بطور رضاڪار نوڪري ڏني وئي. يونيورسٽي طرفان شيلوه کي نوڪري جو ڪارڊ به ٺاهي ڏنو ويو جڏهن ته ان کي رهائش جي ڪمرون، ڏينهن ۾ 3 وقت کاڌو ۽ ٻيون سهولتون به ڏنيون وينديون.هي ڪتو ڪم ڇڏي ٻين ڪمن ۾ مصروف رهندڙ ماڻهن کي آگاهه ڪندو ۽ انهن جي ڪم تي واپسي کي يقيني بنائيندو.يونيورسٽي جو هڪ ملازم انتظاميه جي ان فيصلي تي ڪافي خوش نظر آيو ۽ هن ان ڪتي جون تصويرون ڪڍي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏيون. جنهن کان پوءِ ٻين ماڻهن به انتظاميه جي ان فيصلي جي تعريف ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔