ساوڪ سان ويجهڙائي ڪورونا جي ذهن تي پوندڙ اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار

فطرت جي ويجهو رهڻ جيڪڏهن صحت جي لاءِ ڪيترن ئي فائدن جو سبب آهي پر تازي تحقيق وارن نتيجن موجب عالمي وبا دوران باقاعدگي سان فطرت جي ويجهو رهڻ ذهني صحت تي پوندڙ منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي.جرنل ايڪولوجيڪل ايپليڪيشن ۾ شايع ڪيل تحقيق جي لاءِ جاپان ۾ هڪ آن لائين سروي ڪيو ويو. سروي ۾ ذهني صحت جا پنج نتيجا(ڊپريشن، اطمينان بخش زندگي، خوشي، خود اعتمادي ۽ اڪيلائي) ۽ ٻه اهم فطري تجرباتي قدم(ساوڪ واري جڳهه جي استعمال جي فريڪوئنسي ۽ دري يا گهر مان نظر ايندڙ سائي منظر) جي وچ ۾ رابطي جو انڪشاف ٿيو ته باقاعدگي سان فطرت جي ويجهو رهندڙ ماڻهن جي ذهني صحت تي پوندڙ مني اثرن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو.تحقيقي نتيجن ۾ ڀاڄي جي وڌيڪ استعمال ۽ گهر جي دري مان ساوڪ جي منظر کي خوداعتمادي، اطمينان بخش زندگي ۽ خوشي سميت ڊپريشن ۽ اڪيلائي ۾ واڌ سان جوڙيو ويو. تحقيق جي سربراهه ۽ يونيورسٽي آف ٽوڪيو جي پي ايڇ ڊي پروفيسر مساشي سوگا جو چوڻ آهي ته اسان جا نتيجا واضح ڪن ٿا ته فطرت جي ويجهو رهڻ هڪ رنڊڪ جي طور تي ڪم ڪندڙ انساني ذهن تي انتهائي دٻاءُ وارن واقعن جا اثر ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔