چين آمريڪي چونڊن ۾ جوبائيڊن جي ڪاميابيءَ تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

بيجنگ: آمريڪا جي صدارتي چونڊن ۾ نتيجا سامهون اچڻ جي 3 مهينن بعد نيٺ آخر جوبائيڊن جي ڪاميابي تي چين پنهنجي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
چين جي رياستي خابرو اداري موجب صدر شي جن پنگ نئين چونڊيل آمريڪي صدر جي نانءُ پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته عالمي برادري اسان کان صحتمند ۽ مضبوط لاڳاپن جي اميد رکي ٿي.
پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته اسان اميد ٿا ڪريون ته تڪرارن کان پاسو ڪندي ٻه طرفي احترام ۽ لاڳاپن کي وڌايو ويندو، اسان چين ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ گڏيل سهڪار جا خواهشمند آهيون.
چين پاران مبارڪن ۾ دير جو ڪو سبب سامهون نه آيو آهي پر ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ جيئن ته پنهنجي شڪست تسليم نه ڪئي هئي ۽ اقتدار جي منتقلي تي راضي نه هو تنهن ڪري بيجنگ ٽرمپ سان لاڳاپن کي وڌيڪ خراب نه پئي ڪرڻ چاهيو ان ڪري نئين صدر کي مبارڪون ڏيڻ کان پاسو ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔