پاڪستان کي وڏو ڌڪ، نيوزيلينڊ ۾ 6 ڪرڪيٽر ڪورونا جو شڪار

ڪرائسٽ چرچ :نيوزيلينڊ ويندڙ قومي اسڪواڊ ۾ شامل 6 ڪرڪيٽرن جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي وئي.
نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ موجود قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۽ مئنيجمينٽ جي گذريل ڏينهن پهرين ڪورونا ٽيسٽ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجن موجب 6 ڪرڪيٽرن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.
ڪورونا سان متاثر پاڪستاني ڪرڪيٽرن جا نالا ظاهر ناهن ڪيا ويا، جڏهن ته 6 مان 4 ڪيس ڪنفرم آهن ۽ 2 جي ٻيهر ٽيسٽ ڪئي ويندي.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب 6 مان 2 اڳ به ڪورونا جو شڪار ٿي چڪا آهن، جڏهن ته متاثر رانديگرن پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ اختيارين وڌيڪ چيو آهي ته اسان لاءِ سڀ کان اهم عوام جو تحفظ آهي، پاڪستاني اسڪواڊ ۾ شامل ڪجهه ميمبرن ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪئي، دوري تي آيل مهمان ٽيم جي مئنيجمينٽ سان ڳالهيون جاري آهن، ڪورونا پروٽوڪولز تي عمل يقيني بڻائڻ آهي.
واضح رهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ نيوزيلينڊ ۾ موجود آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔