برازيل ۾ مزدورن سان ڀريل بس سان ڀوائتو حادثو، 40 ڄڻا فوت

برازيليا : برازيل ۾ بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر جي نتيجي 40 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.

برازيل جي پوليس اختيارين موجب ڏکڻ اوڀر علائقي ۾ 25 نومبر تي هڪ بس ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٿيندڙ ڀوائتي ٽڪر ۾ گهٽ ۾ گهٽ 40 ڄڻا فوت ٿي ويا.

مقامي وقت موجب صبح تقريبن 7 وڳي هڪ بس ٽيڪسٽائل ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي فيڪٽري کڻي وڃي رهي هئي ته رستي ۾ اهو حادثو پيش آيو.

اهو حادثو سائو پاولو کان 350 ڪلو ميٽر فاصلي تي ٽيگوائي جي علائقي ۾ پيش آيو ۽ ان وقت بس ۾ تقريبن 50 ورڪر سوار هئا.

اختيارين موجب حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔