مودي جي ڪري ڀارت جو اصل چهرو هڪ ڀيرو ٻيهر وائکو

نئين دهلي: ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي ڪري ڀارت جو اصل چهرو هڪ ڀيرو ٻيهر وائکو ٿي ويو ۽ نام نهاد جمهوريت جو دعويدار ڀارت تنقيد برداشت نه ڪري سگهيو .

پروفيسر اشوڪ سوائن جيڪو ڀارت کي وقت بوقت آئينو ڏيکاريندو رهيو آهي ، ڀارت پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري ان جو ٽوئيٽر اڪائونٽ بند ڪرائي ڇڏيو آهي .

اشوڪ سوائن ڀارت جي پلواما ڊرامي جو پول کوليو هو ۽ اشوڪ چيو هو ته ڀارت ڪنهن به وقت فالس فليگ آپريشن ڪرائي سگهي ٿو .

پاڪستان پاران ڀارتي رياستي دهشتگردي جا ثبوت ڏيڻ کانپوءِ ڀارت ڪپواڙه ڊرامو فيل ٿيڻ تي سچ لڪائڻ ۾ رڌل آهي .ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل ، جينو سائيڊ واچ ۽ اڳوڻي آمريڪي صدر باراڪ اوباما جي ڪتاب به ڀارتي مڪروهه چهري کي وائکو ڪيو آهي .

ڀارت ۾ انتها پسندي ، بک ، بدعنواني ، مذهبي عدم رواداري جي نشاندهي به ڪئي وئي آهي ۽ ٽرانسپيرنسي انٽر نيشنل جي رپورٽ موجب ڀارت ۾ هن وقت بدعنواني جو راڄ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔