سنڌ ۾ ڪمند جو اگهه 300 رُپيا في مڻ ٿي ويو، آبادگارن ۽ شگر ملز ۾ تڪراربرقرار، سرڪار تڪرار نبيرڻ کان لاچار

ڪراچي : سنڌ ۾ ڪمند جو اگهه 300 رُپيا في مڻ ٿي ويو، آبادگارن ۽ شگر ملز ۾ تڪرار برقرار آهي ، 37 مان 10 شگر ملز ڪمند جي پيڙهائي شروع نه ڪئي، وفاقي سرڪار تڪرار نبيرڻ کان لاچاري ظاهر ڪندي چيو آهي ته ڪمند جو اگهه مارڪيٽ طئه ڪندي، اُهو اگهه طلب ۽ رسد موجب طئه ٿيندو، ڪمند جو فصل تيار آهي، کنڊ جي اگهه ۾ به ڪا گهٽتائي ناهي آئي،  پاسما اڳواڻ محمد عاصم جو چوڻ آهي ته آبادگار 300 رُپيا اگهه لاءِ ڪمند جي ڪٽائي لاءِ تيار نه آهن، آبادگار اڳواڻ زاهد ڀرڳڙي چيو آهي ته پاڻي، زرعي دوائن ۽ ٻين خرچن ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، شگر ملز مالڪ آبادگارن کي فائدو ڏيڻ بدران سڄو نفعو پنهنجي کيسي ۾ وجهي رهيا آهن، آبادگارن طرفان 300 رُپين کان گهٽ اگهه تي ڪمند وڪرو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔