ڀارت ۾ هيٺين ذات جي ڇوڪرين سان ”لڄالٽ“ جي واقعن بابت ڇرڪائيندڙ حقيقتون

محققن جو چوڻ آهي ته اتر ڀارت ۾ هندن جي اوچي ذات سان واسطو رکندڙ مردن طرفان هيٺين ذات دلت جي عورتن کي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويندو آهي ۽ اهي عام طور تي سزا کان به بچي ويندا آهن، ڇو ته متاثر عورتون دٻاءَ ۾ اچي ڪيس واپس وٺي ڇڏينديون آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب انساني حقن جي ٻن گروپن ”اڪويلٽي نائو ۽ سواڀيمان سوسائٽي“ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته هريانا رياست ۾ دلت عورتن ۽ ڇوڪرين سان لڄالٽ جي 40 واقعن مان رڳو 10 سيڪڙو ۾ جوابدارن کي سزائون مليون، اهي به اهڙا واقعا هئا، جن ۾ متاثرن کي يا قتل ڪيو ويو يا وري انهن جي عمر 6 سالن کان به گهٽ هئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 60 سيڪڙو ڪيسن ۾ يا ته متاثرن ڪيس واپس وٺي ڇڏيا يا وري عدالتي نظام ٻاهران ئي ٺاهه ڪري ڇڏيو، جنهن جو فيصلو عام طور تي پنچائت ٻڌائيندي آهي، جنهن سان متاثرن کي انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي جدوجهد ختم ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔