نيوزيلينڊ جو گريگ بارڪلي آءِ سي سي جو نئون چيئرمين چونڊجي ويو

دبئي : نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جي نمائندي گريگ بارڪلي کي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جو نئون چيئرمين چونڊيو ويو آهي.
گريگ بارڪلي هن سال عهدو ڇڏيندڙ ششانڪ منوهر جي جاءِ تي آءِ سي سي چيئرمين بڻيو آهي.
آءِ سي سي جي چيئرمين شپ جو عهدو سنڀالڻ کان اڳ بارڪلي نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جو عهدو ڇڏيندو.
واضح رهي ته آءِ سي سي چيئرمين ششانڪ منوهر هلندڙ سال جولاءِ ۾ پنهنجي عهدي کان ڌار ٿي ويو هو.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جو اڳوڻو صدر ششانڪ منوهر ڪرڪيٽ جي عالمي تنظيم آءِ سي سي جو ٻه ڀيرا چيئرمين رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔