ابو ظهبي جو ولي عهد ۽ اسرائيلي وزيراعظم نوبل امن انعام لاءِ نامزد

اسٽاڪ هوم : ابو ظهبي جي ولي عهد ۽ اسرائيل جي وزيراعظم کي نوبل امن انعام لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.
اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ ابو ظهبي جي ولي عهد محمد بن زايد النهيان جي نامزدگي جي درخواست نوبل انعام ڪميٽي ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.
نوبل امن انعام جون نامزدگيون ٻنهي ملڪن ۾ سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ تي ڪيون ويون آهن.
اسرائيل جي وزيراعظم ۽ ابو ظهبي جي ولي عهد کي نوبل امن انعام يافته لارڊ ڊيوڊ ٽرمبل نامزد ڪيو آهي.
ناردرن آئرلينڊ جي اڳوڻي فرسٽ منسٽر لارڊ ڊيوڊ ٽرمبل کي 1998 ۾ نوبل امن انعام ڏنو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔