جيڪب آباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، واٽهڙو قتل، 4 ڄڻا زخمي

جيڪب آباد: سول لائين ٿاڻي جِي حد ۾ هڪ هٿياربند جِي شهرين تي انڌانڌ فائرنگ دوران گوليون لڳڻ ڪري واٽهڙو رياض مرهيٽو مارجي ويو، 4 زخمي ٿي پيا. پوليس ۽ شهرين جِي جوابي فائرنگ ۾ هٿياربند ظفر مغل به مارجي ويو. پوليس ۽ شهري واقعي تي حيران ٿي ويا. واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو، پوليس جاچ شروع ڪندَي جوابدار جِي گهرڀاتين سان رابطي جِي ڪوششن ۾ رڌل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔