سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن جا سي سي ٽي وي فٽيجز مهيني کان وڌيڪ عرصو محفوظ رکڻ جي هدايت

ڪراچي : سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن جا سي سي ٽي وي فٽيجز هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصي تائين محفوظ رکڻ جي هدايت، سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته جنهن جاءِ تي سي سي ٽي وي فٽيجز محفوظ رکيا وڃن، اُتي به سي سي ٽي وي ڪئمراز لڳايون وڃن، لکت ۾ ٿيل امتحان جو رڪارڊ کي هيڊ آفيس ۾ مهر لڳائي رکيو وڃي، لکت ۾ امتحان جي جوابي شيٽ ايگزامينر کي موڪلڻ کان هفتو اڳ آفِيشل اسائنـِي کي آگاهه ڪيو وڃي، جوابي شيٽ موڪلڻ وارو عمل عدالتي عملي جي نگراني ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔