نواز شريف ڪيس کان مڪمل طور آگاهه آهي، ڄاڻي واڻي عدالت ۾ پيش نٿو ٿئي: پرڏيهي کاتو

اسلام آباد : نواز شريف ڪيس کان مڪمل طور آگاهه آهي، ڄاڻي واڻي عدالت ۾ پيش نٿو ٿئي، پرڏيهي کاتي اڳوڻي وزير اعظم جي اشتهار ذريعي طلبي واري مامري تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڏيهي ۽ پرڏيهي ميڊيا تي نواز شريف جي طلبي جا اشتهار جاري ٿيڻ جون خبرون هليون، پر نواز شريف عدالت ۾ پيش نه ٿيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايون فيلڊ ۽ العزيزه ريفرنس ۾ سزا خلاف اپيلن تي غير حاضري سبب نواز شريف کي اڄ اشتهاري قرار ڏيڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔