ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندئو ته نتيجا ته ڀوڳڻا پوندا: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندئو ته نتيجا ته ڀوڳڻا پوندا، هڪ ڪلارڪ حڪومت جي اربين رُپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي، حڪومت پنهنجو ڪم نٿي ڪري ته سپريم ڪورٽ ڪلارڪن جي پويان ڇو وڃي؟ ادارن ۾ قانوني مامرن جي ذميواري ڪلارڪ نه، پر آفيسرز جي هجڻ گهرجي، چيف جسٽس گلزار احمد جا ڪئنٽونمينٽ اسڪولز ۾ استادن جي مستقلي خلاف اپيل تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس، سپريم ڪورٽ وفاقي سرڪار جي اپيل رد ڪري ڇڏي، ڪئنٽونمينٽ اسڪولز ۾ استادن کي پڪو ڪرڻ وارو هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار، عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت مُدو پورو ٿيڻ بعد اپيلز داخل ڪندڙن خلاف ڪارروائيون ڇو نٿي ڪري؟ اپيلز داخل ڪرڻ ۾ دير ٿئي ته عدالت کان ڇا گهرڻ ايندا آهيو؟ ڪو نه ڪو مليل هوندو آهي، جيڪو عدالتي فيصلو اچڻ بعد معاملي کي دٻائي ڇڏيندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔