امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيٺ جوبائيڊن انتظاميا کي اختيارن جي منتقلي جي منظوري ڏئي ڇڏي

واشنگٽن : امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيٺ جوبائيڊن انتظاميا کي اختيارن جي منتقلي جي منظوري ڏئي ڇڏي. امريڪي ميڊيا موجب صدر ٽرمپ جوبائيڊن انتظاميا کي اختيارن جي منتقلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ جنرل سروس ايڊمنسٽريشن جي سربراهه  امريڪا جي نئين چونڊيل صدر کي  آگاهه ڪيو. امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته قانوني جنگ جاري رهندي پر انتظاميا کي چيو  آهي ته جنهن شئي جي ضرورت آهي، ان کي  انجام ڏنو وڃي. امريڪي ميڊيا موجب جو بائيڊن انتظاميا حڪومتي معاملن  تي لکين ڊالر حڪومتي فنڊ مان  استعمال ڪري سگهندي. هوڏانهن  امريڪا جي نئين چونڊيل صدر جوبائيڊن اقتدار جي پرامن  منتقلي کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔