آرزو فاطمه پاران ٻيهر والدين سان وڃڻ کان انڪار، شفاف جاچ ڪري چالان پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ آرزو فاطمه جي ننڍي عمر ۾ شادي ڪرڻ واري ڪيس جي شفاف طريقي سان جاچ مڪمل ڪري لاڳاپيل عدالت ۾ چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ اسلام قبول ڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ نينگري آرزو مسيح عرف فاطمه جي مبينا اغوا واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ٻڌڻي دوران نينگري کان پڇا ڪئي ته ڇا توهان والدين ڏانهن وڃن چاهيو ٿا ؟ نينگري والدين ڏانهن وڃڻ کان انڪار ڪندي عدالت کي مڙس سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ منٿون ڪيون پر عدالت نينگري کي ٻيهر دارالامان موڪلي ڇڏيو. پراسڪيوٽر چيو ته معاملو نينگري کي اغوا ڪرن جو نه پر ننڍي ڄمار ۾ شادي ڪرڻ جو آهي، تنهنڪري عدالت ڪيس کي اسلامي شريعت موجب حل ڪري ڇاڪاڻ ته نينگري اسلام قبول ڪري چڪي آهي. عدالت چيو ته عدالت پنهنجو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي اعتراض آهي ته ان کي چئلينج ڪري سگهي ٿو. عدالت گهرو کاتي کي روزانو جي بنياد تي نينگري جي ڪائونسلنگ ڪرڻ جي به هدايت ڪئي ۽ دارالامان ۾ نينگري جي تعليم ۽ ٻين سهولتن کي يقيني بڻائڻ جو حڪم پڻ ڏنو…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔